امتحان دوران - مهراڻ سنڌي

چوندا آهن ته زندگي ۾ ڪڏهن به ڏکيو امتحان ڪنهن وٽ نه اچي جنهن جو هو مقابلو نه ڪري سگهي. امتحان هر ڪنهن وٽ ايندو آهي پر اسان کي گهرجي ته ان جو دل سان مقابلو ڪيو. منهنجو دلچسپ انٽر جو امتحان، تمام گهٽ ملاقات ٿيندي آهي ڪاليج جي دوستن سان پر جڏهن خبر پئي ته امتحان ويجهو آهن ته اسان جو ملاقاتون شروع ٿي ويون، پيپر ياد ڪرڻ لاءِ نه پر اهو سوچڻ لاءِ ته ڪاپي ڪئين ڪجي ـ
گذريل امتحان ڀيري ڪاپي جو اثر ڪجھ گهٽ هو پر هن ڀيري ته حد هئي ڪاليج ۾، ڪاپي ڪرائڻ لاءِ ڇوڪرن جو ٻاهريان اچڻ دري وغيره مان ٽپڻ ان کان علاوه پَٽي واري سان وڙهڻ، سوالي پرچو ملڻ بعد جلدي ئي ان جو جواب هٿ ڪري ڦوٽو اسٽيٽ ذريعي ڦهلجڻ، استادن جي لاپرواهي جو اهي پاڻ پنهنجي واستي وارن کي پاڻ ڪاپي ڪرائيندي نظر ايندا، ڪاپي ڪندڙ شاگرد هڪ بلاڪ کان ٻئي بلاڪ تائين گهمندي ڦرندي نظر ايندا، شاگردن جي سنگت ايتري جو هڪڙي کي مٿان پنج ڄيڻا ڪاپي پيا ڪرائيندا ـ
پهرئين پرچي تي اهڙي قسم جو ماحول ڏسي مان حيرت ۾ اچي ويس ته هي ڪهڙي قسم جو ڪاليج ۾ مذاق آهي اسان جو پهريون پرچو سنڌي جو جيڪو تمام آسان هو جيڪڏهن اسان کي ڪاپي نه ملي ها ته اسان اهو پرچو آساني سان حل ڪري وڃو ها، پر حيرت جهڙي ڳالھ جو رينجرس ۽ ٽيم جو ڪالج ۾ پهچڻ بعد به مٿي رائوڊ نه هنيو ويو، جيڪڏهن اهڙي قسم سان سلسلو هلندو رهيو ته هي ڪاپي جو نظام 
هڪ دفعو سنڌين لاءَ ڪلچر بڻجي پوندو ـ
جاري ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ

بندوق جي گولي - ڪهاڻي - مهراڻ سنڌي

زندگي ۾ مون سفر ته تمام گهڻا ڪيان آهن پر هي سفر منهنجي زندگي جو هڪ المناڪ واقعو کڻي آيو، تازي تازي نوڪري ملڻ بعد منهنجو حيدرآباد وڃڻ ٿيو، مون سان اڳ ائين ڪڏهن ناهي ٿيو جو گاڏي کي وچ  اڌ روڊ تي بيهاريو وڃي ، منهنجي سبب پڇڻ تي ڪنهن به مون کي جواب نه ڏنو ته آخر هي گاڏي روڊ تي بيهاري ڇو وئي آهي آخرڪار مسئلو ڇا آهي ۽ منهنجي هميشه اها عادت رهي آهي ته جڏهن گاڏي رڪجي ويندي آهي ته مان هيٺ لهڻ جي ڪندو آهيان مون کان گاڏي جي اندر گرمي برداشت ناهي ٿيندي، مون هن دفعي به لهڻ جو سوچيو پر ڪجھ ئي دير کان پوءِ ڪجھ نقاب ۾ همراھ گاڏي تي چڙهيان، پر مون سان ڪڏهن اهڙو واقعو ناهي ٿيو تڏهن مان سمجهي نه سگهس ته هي ٿي ڇا رهيو آهي ـ
ٽي چور هئا جيڪي اسان جي گاڏي کي لٽڻ آيا هئا جلدي جلدي چڙهڻ کان پوءِ انهن گاڏي کي ڪٿي رُڪڻ ڪونه ڏنو، پهريون همراھ ڊرائيور سان گڏ ويٺو هو، ٻيو همراھ گاڏي جي ٻاهرين دروازي جي پاسي تي ويٺو هو ۽ ٽيو اسان کان پئسا وٺڻ شروع ڪيان، آهستي آهستي سڀنين کي ڌمڪائيندي هنن لُٽڻ شروع ڪيو جڏهن مون وٽ آيا ته مان انهن کي چيو مون وٽ صرف ڪرايو هو جيڪو مان گاڏي واري کي ڏئي ڇڏيو ۽ هيئر مان پنهنجي گهر وڃڻ وارو هئس، منهنجي ائين چوڻ تي انهن چيو اهي ڪوڙ وڃي ٻئي ڪنهن کي ٻڌا پئسا ڪڍي ٿو يا هڻان هڪ گولي پو ڪڍيندي، مان ڊڄي ويس انهن جي ائين چوڻ تي مون وٽ موجود جيڪي پئسا هئا انهن کي ڏنا، سڀنين کان ڦوريندي ڦوريندي هو منهنجي پاسي ۾ اچي ويٺو، منهنجي عادت هميشه ڪچهري ڪرڻ جي هوندي آهي مان هن کان سوال پڇڻ شروع ڪيان ۽ اڳيان چوري ڪندڙ شايد مجبوري سبب چوري ڪئي هئس، منهنجي سوال پڇڻ تي هن مونکي چيو مان هت توسان ڪچهري ڪرڻ ڪونه آيو آهيان جو تون مونکان سوال ويهي پڇي ۽ مان جواب ويهي ڏيان، مان وري ان کان سوال پڇيو ته” ڪهڙي سبب جي ڪري چوري پيا ڪيو“ ، منهنجي پڇڻ باوجود به ان جواب نه ڏنو ائين وڌيڪ ڌمڪائڻ لڳو غريبن جا مسعلٰ توهان امير ماڻهو ڇا ڄاڻو ـ

جاکوڙ - ڪهاڻي - مهراڻ سنڌي

جهڙي قسم جون تون ڳالهيون ڪري رهيو آهين سڀ ڪجھ ائين ناهي، مون کي يقين آ ته سنڌ هڪ ڏينهن ضرور آزاد ٿيندي، تنهنجون اڄ ٻارن واريون ڳالهيون ٻڌي اڄ مونکي توتي حيرت ٿي ٿئي، تون ٿو چئي سنڌ جا ماڻهو ڪڏهن سيڪيولر ڪونه ٿا ٿي سگهن، ها اها هڪ حقيقت آ ته موجوده دور جي ماڻهن کي سيڪيولر لفظ جي معني جي به خبر ناهي پر ڪڏهن تو پنهنجي پاڻ کان اهو سوال پڇيو آ ته تو ڇا ڪيو آ، سنڌ جي آزادي لاءِ سنڌ جي ماڻهن کي سيڪيولر جو پيغام پهچائڻ لاءِ تو ڇا ڪيو آ ـ
هر ماڻهو اهو سوال جلدي اٿاري ٿو ته سنڌ ڪڏهن آزاد ڪانه ٿيندي پر سندس پڇجي ته سنڌ جي آزادي لاءِ ڪهڙا ڪم ڪيا آهن ته ٻڌائيندو ڪونه صرف ليڊرن جي مخالفت ڪندو ها اها ڳالھ حقيقت آ ته هڪ سچو ليڊر ئي عوام ۾ سجاڳي آڻي ٿو ۽ پويان 64 سال گذرڻ بعد به عوام ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا به سجاڳي پيدا ناهي ٿي پر اسان عام ڪارڪن ڪجھ به نٿا ڪري سگهو عوام ۾ سجاڳي آڻڻ لاءِ ڇا اسان جو ڪم ناهي، اسان جو ڪم اهو ناهي ته پنهنجي ليڊرن تي تنقيد ويهي ڪيون ـ
اسان جي دشمني سنڌ سان ناهي ان سامراج سان آهي جنهن جي ڪني نظر اسان جي سهڻي سنڌ تي آهي جيڪا معدنيات وسيلن سان معالامال آهي اُها سنڌ جنهن ۾ دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو رني ڪوٽ آهي، دنيا جو قديم پراڻو قبرستان مڪلي آهي اُها سنڌ جنهن ۾ سچل ۽ شاھ جهڙيون عظيم حستيون پيدا ٿيون، سنڌ اُها آهي جيڪا هزار سو سال پهريان موئن جي دڙي کان وٺي شروع ٿيا، سنڌ جا ماڻهو جنهن ۾ ڪجھ ٻهراڻي ماڻهو جيڪي خد اسان جي جلسن ۾ اچي تقريرون ڪونه ٻڌندا انهن جا پنهنجا فصل ڌندو وغيره آهي، سنڌ جي آزادي جي ڳالھ اسان کي انهن ڏانهن وڃي پوءِ ٻڌائڻي پوندي ۽ مون کي يقين آ ساٿ ڏيڻ لاءِ جيترو جلدي عام ماڻهو گڏ ناهي ٿيندو اوترو جلدي هڪ غريب ماڻهو گڏ ٿيندو پنهنجا حق وٺڻ لاءِ، سنڌ جا اهي شاهوڪار ۽ امير ماڻهو جن پنهنجي اولادن کي هر قسم جي طربعت ڏئي پڙهايو لکرايو پر انهن جو ڌيان اسان ڏانهن نه ڇڪرايو جئين انهن جا ڇوڪرا سٺي طربعت کان خراب ٿي جلسن وغيره ۾ رلي خراب ٿي نه وڃن، پر سندن والد جو اهو حق ٿيندو آهي ته پٽن کي اهڙي قسم جي تعليم پڻ ڏيندو اچي ۽ حق سچ جي ڳالھ ٻڌائيندو اچي، ڪجھ ماڻهو بک ۽ بدحالي سبب چوري ۽ فرون ڪندا آهن پر اُهي صرف محنت ۽ مزدوريءَ کان پري هوندا آهن ـ
اسان جي دشمني ان پنجاب سامراج سان آهي جيڪو ڄاڻي واڻي سنڌ کي لٽي رهيو آهي پنجابين جو ڪردار هميشه حضرت عمر وانگر رهيو آهي پر اسان کي بت بڻي چپ ڪري ناهي ويهڻو، اسان کي راجا ڏاهر جهڙو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي پو ڀلي شهيد ڇو نه ٿي وڃو، جيڪڏهن اسان سنڌين کي به پنجابين وانگر ڏسنداسين ته ڪو فرق نه پوندو سنڌ انهن پنجابين جي هٿان شڪار بڻيل آهن سنڌين جي اهڙي رويي جو ذميوار صرف پنجاب آهي فرون ڪرڻ جي عادت سنڌين ۾ پنجابين وڌي جيڪا انهن کي حضرت عمر مان ملي، محمد بن قاسم وانگر اهي پنجابي سنڌين کي ضروري مسلمان ڪندا ويا گهڻا ته لٺ جي زور تي مسلمان ٿي ويا ۽ گهڻا سنڌ ڇڏي هندستان لڏي ويا سنڌ پنهنجي سنڌ کي ڇڏي هندستان هليا ويا ۽ پنجابي ساڳيو ڪراچي وسايو ويٺا آهن ـ
منهنجو توکي هٿ ٻڌي اهو عرض آهي ته جيترو به تون سنڌ جي آزادي لاءِ ڪم ناهي ڪيو اهو تون هيئر ڪر، تنقيد به ڀلي ڪر پر جيئن توکي صحيح لڳي اهڙي نموني سان تون پنهنجو ڪم جاري رک اڄ تائين جيڪي شهيد ٿيا ته انهن ڪم ڪيو ۽ انهن کي شهيد ڪيو ويو انهن انتظار نه ڪيو پنهنجي ليڊرن جو، قربان ٿي ويا پنهنجي سنڌ امڙ لاءِ جيڪڏهن توکي پنهنجي سنڌ امڙ پيار آهي ته ڪنهن به نموني سان سنڌي جي آزادي لاءِ جاکوڙ ڪر ـ

موت جو ذميوار ڪير

پاڪستان ٺاهڻ وقت لفظ ته اهڙو استعمال ڪيو ويو آ جو هن جهڙو دنيا ۾ ٻيو ڪو به پاڪ ملڪ ناهي پر جيڪڏهن هن ملڪ کي چتائي غور سان ڏسبو ته هي بلڪل ناپاڪ ملڪ آهي، جنهن ۾ سنڌ جي ڪا به حيثيت ناهي، سنڌ جو ڪو سٺو فنڪار هجي يا اديب هجي پاڪستان لاءِ ان جي ڪا اهميت ناهي. تازو 5:4:2011 تي سنڌ جو عظيم ڪالم ڪار، فنڪار اديب، اداڪار عبدالحسين ساريو جنهن وقت بيمار هو ته پاڪستان جي گورنمينٽ اکيون ٻوٽي سمهي پئي, پاڻ سندن گهر وڪڻي پنهنجو علاج ڪرايو، تنهن بعد علاج پورو نه ٿي سگهيو وري پنهنجي بچيل ٻني وڪڻي پنهنجو علاج ڪرايو تڏهن به پورو نه پئي سگهيو ۽ حالت گهڻي خارب ٿيندي وئي
ڪي ٽي اين جي باقي آرٽيسٽن گڏجي ڪراچي ۾ هڪ ڪئمپ قائم ڪئي جنهن ۾ ٻه لک جمح ڪري سگهيا ان کان پوءِ سنڌ جي وزيراعظم علان ڪيو ته مان ٻه لک روپيا ڏيان ٿو پوءِ دير ٿي وئي ۽ عظيم اداڪار پنهنجو علاج نه ڪرائي سگهيو، آخري ڏينهن ۾ سندس ٻارن کي پرائيوٽ اسڪول مان به ڪڍيو ويو انهن کي اڃا سرڪاري اسڪولن ۾ داخلا ئي نه ملي ته سنڌ جو عظيم اداڪار 8:4:2011 تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، پاڪستان جي گورنمينٽ وٽ ايترا ته پئسا آهن جو هرايل رانديگرن کي ٻه ٻه لک روپيا ڏين ٿا پر سنڌ جي ڪنهن فنڪار کي بچائڻ لاءِ آڱوٺو به ڪونه اٿن ـ

سيد تي خوني حملو - اشتياق انصاري

اسان هن دفعي جيئن سن پهتاسين، منجهند جو وقت هو، سائين دستور مطابق پنهنجي مهمان خاني ۾ هيٺ پٿراڻي تي ويٺو هو. ان محفل ۾ الڻ ٿيٻو، عبدالمجيد ساند ۽ ڪجھ بين دوستن سان گڏ هڪ قدآور هڏڪاٺ ۽ برجستو نوجوان، پينٽ شرٽ پايون ويٺو هو. سائين گڏ اسان جو به شفقت ڀري مرڪ ۽ هٿ جي ڇهاءُ سان آڌرڀاءُ ڪيو جنهن بعد اسان به ان مجلس ۾ شامل ٿي وياسين. حال احوال ڏيندي وٺندي جڏهن جي ايم سيد ان قدرآور همراھ کان اچڻ جي ماجرا پڇي ته هن پنهنجو نالو بوستان ۽ رهائش ڪورنگي ڪراچي ٻڌائي. ڳالهين دوران هن سائينءَ کي چيو ته ”مان مهاجر آهيان پر جيئي سنڌ ۾ سامل ٿيڻ چاهيان ٿو، اوهان مون کي جيئي سنڌ ۾ شامل ڪندو يا نه؟“ ـ
سائين کيس جواب ڏنو ”جيڪو به ماڻهو سنڌوديش جي قيام ۽ سنڌ جي مسئلن تي اسان سان ساٿ ڏيندو اهو جيئي سنڌ جو ميمبر ٿي سگهي ٿو، ڀلي پوءِ هو مهاجر هجي يا پنجابي“ ـ
بهر ڪيف ڪجھ دير ويهڻ بعد هن سائين کي چيو ته” مان بي روزگار آهيان، مهرباني ڪري مون کي ڪا نوڪري وٺرائي ڏيو“ ـ
سائين کيس سمجهائڻ لڳو” توکي خبر آهي ته مان گهر ۾ نظربند ۽ حڪومت جو مخالف آهيان. هن دور ۾ ڪير ٻڌندو ، تنهن هوندي به مان هڪ ٻن ماڻهن ڏي توکي چٺي لکي ڏيندس وڌيڪ تنهنجا ڀاڳ“ ـ
ڪچهري ۾ ويٺل اسان سڀني جي ان همراھ جي مسڪيني ڏسي ساڻس همدردي ٿيڻ لڳي ته ويچارو مهاجر هوندي به ٻن کان مايوس ٿي ٻي ڪا واھ نه ڏسي سائين ڏي مدد لاءِ آيو آهي ـ
سائين جو ساري ڏينهن جو ٽائم ٽيبل ٺهيل هو. آخري وقت تائين پنهنجي مقصد توڙي وقت سان سچو هوندو هو. هن ج الکڻ، پڙهڻ، ڪچهري ۽ آرام وغيره جا وقت مقرر رهيا، سائين ڪجھ دير ڪچهري بعد چيو” هاڻي منهنجو لکڻ جو وقت آهي، ٻن ڪلاڪن بعد مان وري اوطاق تي ايندس“. سائين جي وڃڻ بعد اسان دوست پاڻ ۾ ڊاڙ ڊش هڻڻ لڳاسين. بوستان ان وچ ۾ سائين جي حويلي ٻاهران چڪر چاري ڏئي پيو اچي، هو سائين جي محافظن سان به ياري ڳنڍڻ ۾ مشغول هيو ـ
جنهن مهل بوستان ٻاهرخدمت گارن سان گڏ ويٺو هو ۽ سائين اندر گهر هليو ويو ته اسان پرپٺ اوطاق ۾ رکيل بوستان جي ٿيلهي جي تلاشي ورتي، ٿيهلي ۾ هڪ خط مليو. لفافي تي راولپنڊي جي ڪنهن سيڪيورٽي آفيسر جي ايڊريس تي لکيل هئي. جڏهن ٿوري دير بعد بوستان ڪمري ۾ آيو ته ڳالهين دوران هن پاڻ ئي ٻڌايو ته راولپنڊي ۾ سندس مامو رهندو اهي. هو سڌو هاڻي اتان اچي ٿو. هن کي شايد پنهنجي غلطي جو احساس ٿي ويو هو. هن محسوس ڪيو هو ته اسان غير حاضري ۾ سندس ٿيلهو کولي، لفافي تي ايڊريس پرهي آهي. هو پنهنجي پر ۾ اسان کي مطمئن ڪرڻ پيو چاهي ـ
شام ڌاري سائين حويلي مان نڪري آيو. اسان سائين سان منڊل ۾ مگن رهياسين. مجلس رات تائين هلندي رهي، ان عرصي ۾ بوستان ڪڏهن اسان وٽ ته ڪڏهن ٻاهر نوڪرن وٽ ويهي پيو. ان وچ ۾ هو اڪيلو سن شهر جو چڪر به ڏئي آيو. سائين سمهاڻي ڌاري آرام تي وڃڻ  مهل پنهنجي خدمتگارن کي بوستان کي درياھ واري بنگلي تي رات ترسائڻ لاءِ چيو  ـ
بوستان کي جڏهن رات درياھ وري بنگلي تي رهڻ لاءِ چيو ته هن اسرار ڪيو ته ”هو هت سائين جي اوطاق ۾ ترسندو، ٻاهرين بنگلي تي نه رهندو“ آخر مجبور ٿي اسان هن سان ڪوڙ ڳالهايو ته ”هت اوطاق ۾ رات جو ڪوبه نه رهندو آهي. اسان به ڪجھ دير ۾ سمهڻ لاءِ ان بنگلي تي اينداسين. تون هل تنهنجي ڪڍ اسان به اچون ٿا. ”اسان اهڙي نموني زوري هن کي درياھ واري بنگلي تي اماڻي، پاڻ سائين جي اوطاق ۾ ئي سمهي رهياسين ـ
صبح جو  نيرن بعد سائين اوطاق تي آيو. ڳپل مهل رهڻ بعد سائين جي طبيعت خراب هئڻ ڪري موڪلائي گهر هليو ويو. حبيب الله ڪابورو ۽ مان به شهر جي چڪر چاري ۽ چانھ چڪي لاءِ ٻاهر نڪتاسين ته بوستان در جي ٻاهران بيٺو هيو. اسان هن کي ساڻ هلي چانھ پيئڻ جي صلاح ڪئيته هن ٻڌايو ته ”هو واپس ڪراچي وڃي رهيو آهي، ان ڪري سائين سان ملي پوءِ ويندو “ ـ
اسان کيس ٻڌايو ته ”سائين بيمار آهي، هاڻي گهر ويو آهي وري شام جون نڪرندو تون ڀلي وڃ“ ـ
مان سائين سان ملڻ کانسواءِ بلڪل نه ويندس، ”اسان کيس ڪافي سمجهايو ته سائين هاڻي ٻاهر نه نڪرندو پر هن جو ضد هيو مان ته مان سائين جي ماني کاڌي آهي، سيدجو ٿورو ادا ڪرڻو بنا ويندس ته مونکي نمڪ حرام سمجهندو“ هن جو اهڙو پيش ڏسي مان سائين ڏي چٺي لکي موڪلي ته بوستان اوهان سان ضرور ملڻ ٿو چاهي ـ
جيستائين سائين ٻاهر نڪري اسان چوڪيدارن واري ڪوٺي ۾ وڃي ويٺاسين. اتي بوستان کان سوالن جوابن دوران مون کي هن جو لهجو پنجابي لڳي رهيو هو. ان کان سواءِ هن ڪجھ لفظ اهڙا ڳالهايا، جيڪي عام طور تي فوج ۾ مروج آهن، جيئن ته مان اتي ئي حبيب الله ڪابوري کي هوشيار رهڻ لاءِ چيو ـ
بيماري باوجود چٺي ملڻ بعد سائين ويچارو لٺ تي ٽيڪندو ٻاهر هليو آيو. اونهارو هئڻ ڪري سائين کي ململ جو اڇو پهراڻ ۽ سٿڻ پاتل هئي. هو اڃا پڌر تائين پهتو ته بوستان رومڙ ڪري سائين ڏي ڀڳو، اسان به پاڇي جيان هن جي ڪڍ ڊوڙندا وياسين. هن اسان کي چوڪس ڏسي پيرين پوڻ لاءِ سائين جي قدمن تي ڪري پيو. اسان تڪڙ ۾ هن کي کنبڙاٽن کان وٺي چوکنڀو ڪري بيهاريو ـ
سائين هوريان هوريان هلندو روانڊي ۾ ڪرسي تي ويٺو. اسان هن جي سامهون کٽ تي بوستان سان گڏ پير لڙڪائي ويهي رهياسين. مان وري حبيب الله ڪابوري کي هوشيار رهڻ لاءِ چيو، هُو بلڪل هن جي پهريان هر خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويهي رهيو. مان بوستان سان ڪلهو ڪلهي سان ۽ گڏو گوڏي ۾ ملائي ويهي رهيس. بوستان جا پگهر پيا وهن، لڳي پيو ته هُو ڪنهن وڏي ذهني آنڌ ماند ۾ هو. هن جي بي ڪيفي ۽ بيچيني واري ڪيفيت سندس چهري مان عيان هئي . مان ٽيڏي اک سان هن جي هٿن جي حرڪت تي نظر رکيون ويٺون هيس. الائي ڇو منهنجي ڇهين حس ٻڌائي پئي ته ڪجھ نه ڪجھ ٿيڻو آهي پر سائين جي ايم سيد ڪمال بي نيازي سان گفتگو ۾ مگن رهيو ـ
بوستان هيڏانهن هوڏانهن جي ڳالهين دوران سائين کي ٽوڪيو ”ٻڌو آهي توهان الله کي نٿا مڃو“ ـ
سائين مشڪندي چيس ”تنهنجي سامهون مان ويٺو آهيان. ڀلي ڏسي پائسي چئو ته مان موجود نه آهيان، ان سان منهنجو وجود ته ختم نه ٿيندو. الله موجود اهي ڀلي ڪو مڃي يا نه ـ
تنهن تي بوستان ٻيو سوال ڪيو ”توهان اسلامي نظام جي خلاف آهيو“ بلڪل! توهان کي خبر آهي ته هي اسلامي ملڪ آهي. ان ۾ اسلامي ملڪ ۾ شارب، زنا، رشوت خوري، قتل وغيره ڪهڙي برائي نٿي ٿئي؟ ڇا انهن خرابين ڪري اسلام کي بدنام نٿا ڪيون؟ ها! مان اهڙي اسلامي نظام جي خلاف آهيان، جنهن ۾ هر برائي جي آڙ ۾ اسلام کي بدنام ڪيو وڃي ٿو“ ـ
توهان سنڌوديش جا حامي آهيو؟ بوستان سائين ڏي اڳتي جهڪندي چيوـ
ها هن ملڪ ۾ سنڌين سان مسلسل ٿيندڙ ناانصافين ۽ زيادتين ڪري اسان وٽ اهو ئي حل آهي ته اسان پنهنجو الڳ سنڌوديش ٺاهيون ـ
بوستان پنهنجي چهري تان پگهر اگهندي سوالن جو سلسلو جاري رکندي چيو” سنڌوديش ٺهڻ کانپوءِ ان ۾ لاديني نظام نافذ ڪندو؟ “ـ
ان تي سائين ٽهڪ ڏيندي هڪ مذيدار مثال ڏنس، ” هڪ غريب، انڌي، پوڙهي مائي هئي. هن ويچاري جو پٽ به نامرد هو. پوڙهي روز الله کان دعائون گهرندي هئي ته مون کي ديس به ڏي ۽ غريبي به دور ڪر، ساڳي وقت منهنجي پٽ کي مڙسي ڏي ته جئين هو پٽ پيدا ڪري، ان تي الله دعا قبول ڪندي کين چيو ته انهن سڀني مان ڪا هڪ شيءَ گهر ان تي مائي دعا گهري ته ” مان پنهنجي پوٽي کي هندوري ۾ لڏندي ڏسان“ ان دعا جو مطلب اهو هيو ته مون کي اکيون به ڏي ته جيئن ڏسي سگهان، منهنجو پٽ مڙسي سان ئي پوٽو پيدا ڪري، ساڳي وقت گهر ۾ ايتري خوشحالي هجي جو هندورو وغيره وٺي سگهجي.“ سائين پنهنجو لڪڻ زمين تي هڻندي چيو ” اهڙي طرح اسان کي به بس هڪ دعا آهي سنڌوديش، ٻيو ڳالهيون پاڻ ئي ٿي وينديون“ ـ
انهن ڳالهين دوران بوستان جي ذهن توڙي جسم اندر هيجان محسوس ٿي رهيو هو. لڳي پيو ته هو جيڪي ڪجھ چوڻ ۽ ڪرڻ چاهي ٿو، ڪري نٿو سگهي. آخر ڪجھ گهڙيون سانت رهي هن ڦاٽ کاڌو” مان مهاجر نه پنجابي آهيان، توکي مارڻ آيو آهيان. “ ائين چئي هن جُهڪي ساڄي پاسي واري ٽنگ تان سوٽ جو پاچو مٿي ڪيو . هن جي پنيءَ وٽ هڪ تيز ڌار وارو خنجر ٻڌل هو. اسان جهڙپ ڏئي فٽ کن ڊگهو چلڪندڙ ڇرو ڇڪي ڪڍيوسين. هن ڪوبه ردعمل نه ڏيکاريو، پر ان جي ابتڙ اٿي سائين جي پيرن تي ڪري معافي گهرندي چيو” مان ٻڌو هو توهان الله کي نٿا مڃيو ۽ ماڻهن کي گمراھ ٿا ڪيو، ان ڪري مان توهان کي قتل ڪرڻ آيو هيس پر هت اچي ڏٺم ته اوهان الله کي مڃيو ٿا ان ڪري ارادو بدلائي ڇڏيم. هاڻي مون کي معافي ڏيو” سائين هن کي پيرن تان اٿاري وڏي شفقت سان وارن تي هٿ ڦيريندي، فراخدليءَ سان معاف ڪيو ـ

اليڪشن - بشير قريشي

اسان اليڪشن کي عوام جي ڏکن ۽ تڪليفن جو حل نٿا سمجهون. ڇاڪاڻ ته هيتري عرصي ۾ اسان کي رڳو سنڌي قوم تسليم ناهي ڪيو ويو. پارلياماني سياست ۾ سنڌ جا مسئلا حل نه ٿيندا ـ
پاڪستان جي ٽيهٺ سالن جي تاريخ  ۾ ڪيتريون ئي چونڊون ٿيون آهن. پر ان وسيلي چونڊجي آيلن ڪڏهن به سنڌ جي خدمت نه ڪئي آهي. هينئر به نوڪريون ، ڪم ۽ بدليون پيسن تي ٿين ٿيون. غريب ماڻهو غريب ئي رهيو، جاگيردار ۽ وڏيرن جا پٽ نوڪريون ماڻي رهيا آهن ـ
اسيمبلين ۾ پهتل ماڻهن سنڌ جي لاءِ ڪجھ نه ڪيو آهي. تنهنڪري اسان روڊ، نلڪي ۽ نوڪري جي سياست کان هٽي ڪري وسيلن جي مالڪيءَ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون ـ
بلوچن ۽ بنگالين پارليامني سياست ڪئي پر اسيمبلين انهن سان به انصاف نه ڪيو تنهنڪري اسان اليڪشن کي وقت جو زيان سمجهو ٿا، سنڌ ۾ پنج پارٽين جو اتحاد اليڪشن لاءِ گڏ ٿي رهيو آهي. تنهنڪري اسان کي ان اليڪشني اتحاد سان ڪا دلچسپي ناهي ـ


ڪاوش/اليڪشن/بشير قريشي

چانڊوڪيون ۽ چيٽ - آريسر

هڪ ڪامريڊ بحث ڪندي چيو ته” اوهان هروڀرو پنجاب جي پٺيان هٿ ڌوئي اچي پيا آهيو. جڏهن ته پنجاب ۾ به مظلوم ماڻهو آهن ۽ محڪوم طبقا آهن. ضرورت هن ڳالھ جي آهي انهن سان جهموريت جي جدوجهد لاءِ گڏجي محاذ ٺاهن گهرجي“ ـ
مون انتهائي ادب سان چيو ته” تنهنجي گفتگو ٻڌي آئون محسوس ٿو ڪريان ته هن علائقي جو ڪامريڊ  ذهني طرح سنڍ بنجي ويو آهي هن ۾ تخليقي مسئلا سمجهڻ ۽ انهن جي سلجهاءِ جي صلاحيت ئي نه رهي آهي، ڇو ته توکي معلوم هئڻ کپي ته هر حاڪم ۽ سامراجي قوم ۾ به مظلوم ۽ محڪوم طبقا ٿيندا آهن، جيئن آمريڪا اڄ دنيا جو سامراجي امام آهي ته اتي به مظلوم ۽ محڪوم طبقا موجود آهن. پر انهن طبقن جي موجودگيءَ جي ڪري آمريڪا جو سامراجي ڪردار تبديل نه ٿو ٿي سگهي ۽ نه ئي هوچي منھ انهن طبقن سان وڃي هڪ جهنڊي هيٺ ڪو جهموري فرنٽ ٺاهيو هو“ ـ
 
 
چانڊوڪيون ۽ چيٽ - آريسر