اليڪشن - بشير قريشي

اسان اليڪشن کي عوام جي ڏکن ۽ تڪليفن جو حل نٿا سمجهون. ڇاڪاڻ ته هيتري عرصي ۾ اسان کي رڳو سنڌي قوم تسليم ناهي ڪيو ويو. پارلياماني سياست ۾ سنڌ جا مسئلا حل نه ٿيندا ـ
پاڪستان جي ٽيهٺ سالن جي تاريخ  ۾ ڪيتريون ئي چونڊون ٿيون آهن. پر ان وسيلي چونڊجي آيلن ڪڏهن به سنڌ جي خدمت نه ڪئي آهي. هينئر به نوڪريون ، ڪم ۽ بدليون پيسن تي ٿين ٿيون. غريب ماڻهو غريب ئي رهيو، جاگيردار ۽ وڏيرن جا پٽ نوڪريون ماڻي رهيا آهن ـ
اسيمبلين ۾ پهتل ماڻهن سنڌ جي لاءِ ڪجھ نه ڪيو آهي. تنهنڪري اسان روڊ، نلڪي ۽ نوڪري جي سياست کان هٽي ڪري وسيلن جي مالڪيءَ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون ـ
بلوچن ۽ بنگالين پارليامني سياست ڪئي پر اسيمبلين انهن سان به انصاف نه ڪيو تنهنڪري اسان اليڪشن کي وقت جو زيان سمجهو ٿا، سنڌ ۾ پنج پارٽين جو اتحاد اليڪشن لاءِ گڏ ٿي رهيو آهي. تنهنڪري اسان کي ان اليڪشني اتحاد سان ڪا دلچسپي ناهي ـ


ڪاوش/اليڪشن/بشير قريشي