اسان هن دفعي جيئن سن پهتاسين، منجهند جو وقت هو، سائين دستور مطابق پنهنجي مهمان خاني ۾ هيٺ پٿراڻي تي ويٺو هو. ان محفل ۾ الڻ ٿيٻو، عبدالمجيد ساند ۽ ڪجھ بين دوستن سان گڏ هڪ قدآور هڏڪاٺ ۽ برجستو نوجوان، پينٽ شرٽ پايون ويٺو هو. سائين گڏ اسان جو به شفقت ڀري مرڪ ۽ هٿ جي ڇهاءُ سان آڌرڀاءُ ڪيو جنهن بعد اسان به ان مجلس ۾ شامل ٿي وياسين. حال احوال ڏيندي وٺندي جڏهن جي ايم سيد ان قدرآور همراھ کان اچڻ جي ماجرا پڇي ته هن پنهنجو نالو بوستان ۽ رهائش ڪورنگي ڪراچي ٻڌائي. ڳالهين دوران هن سائينءَ کي چيو ته ”مان مهاجر آهيان پر جيئي سنڌ ۾ سامل ٿيڻ چاهيان ٿو، اوهان مون کي جيئي سنڌ ۾ شامل ڪندو يا نه؟“ ـ
سائين کيس جواب ڏنو ”جيڪو به ماڻهو سنڌوديش جي قيام ۽ سنڌ جي مسئلن تي اسان سان ساٿ ڏيندو اهو جيئي سنڌ جو ميمبر ٿي سگهي ٿو، ڀلي پوءِ هو مهاجر هجي يا پنجابي“ ـ
بهر ڪيف ڪجھ دير ويهڻ بعد هن سائين کي چيو ته” مان بي روزگار آهيان، مهرباني ڪري مون کي ڪا نوڪري وٺرائي ڏيو“ ـ
سائين کيس سمجهائڻ لڳو” توکي خبر آهي ته مان گهر ۾ نظربند ۽ حڪومت جو مخالف آهيان. هن دور ۾ ڪير ٻڌندو ، تنهن هوندي به مان هڪ ٻن ماڻهن ڏي توکي چٺي لکي ڏيندس وڌيڪ تنهنجا ڀاڳ“ ـ
ڪچهري ۾ ويٺل اسان سڀني جي ان همراھ جي مسڪيني ڏسي ساڻس همدردي ٿيڻ لڳي ته ويچارو مهاجر هوندي به ٻن کان مايوس ٿي ٻي ڪا واھ نه ڏسي سائين ڏي مدد لاءِ آيو آهي ـ
سائين جو ساري ڏينهن جو ٽائم ٽيبل ٺهيل هو. آخري وقت تائين پنهنجي مقصد توڙي وقت سان سچو هوندو هو. هن ج الکڻ، پڙهڻ، ڪچهري ۽ آرام وغيره جا وقت مقرر رهيا، سائين ڪجھ دير ڪچهري بعد چيو” هاڻي منهنجو لکڻ جو وقت آهي، ٻن ڪلاڪن بعد مان وري اوطاق تي ايندس“. سائين جي وڃڻ بعد اسان دوست پاڻ ۾ ڊاڙ ڊش هڻڻ لڳاسين. بوستان ان وچ ۾ سائين جي حويلي ٻاهران چڪر چاري ڏئي پيو اچي، هو سائين جي محافظن سان به ياري ڳنڍڻ ۾ مشغول هيو ـ
جنهن مهل بوستان ٻاهرخدمت گارن سان گڏ ويٺو هو ۽ سائين اندر گهر هليو ويو ته اسان پرپٺ اوطاق ۾ رکيل بوستان جي ٿيلهي جي تلاشي ورتي، ٿيهلي ۾ هڪ خط مليو. لفافي تي راولپنڊي جي ڪنهن سيڪيورٽي آفيسر جي ايڊريس تي لکيل هئي. جڏهن ٿوري دير بعد بوستان ڪمري ۾ آيو ته ڳالهين دوران هن پاڻ ئي ٻڌايو ته راولپنڊي ۾ سندس مامو رهندو اهي. هو سڌو هاڻي اتان اچي ٿو. هن کي شايد پنهنجي غلطي جو احساس ٿي ويو هو. هن محسوس ڪيو هو ته اسان غير حاضري ۾ سندس ٿيلهو کولي، لفافي تي ايڊريس پرهي آهي. هو پنهنجي پر ۾ اسان کي مطمئن ڪرڻ پيو چاهي ـ
شام ڌاري سائين حويلي مان نڪري آيو. اسان سائين سان منڊل ۾ مگن رهياسين. مجلس رات تائين هلندي رهي، ان عرصي ۾ بوستان ڪڏهن اسان وٽ ته ڪڏهن ٻاهر نوڪرن وٽ ويهي پيو. ان وچ ۾ هو اڪيلو سن شهر جو چڪر به ڏئي آيو. سائين سمهاڻي ڌاري آرام تي وڃڻ مهل پنهنجي خدمتگارن کي بوستان کي درياھ واري بنگلي تي رات ترسائڻ لاءِ چيو ـ
بوستان کي جڏهن رات درياھ وري بنگلي تي رهڻ لاءِ چيو ته هن اسرار ڪيو ته ”هو هت سائين جي اوطاق ۾ ترسندو، ٻاهرين بنگلي تي نه رهندو“ آخر مجبور ٿي اسان هن سان ڪوڙ ڳالهايو ته ”هت اوطاق ۾ رات جو ڪوبه نه رهندو آهي. اسان به ڪجھ دير ۾ سمهڻ لاءِ ان بنگلي تي اينداسين. تون هل تنهنجي ڪڍ اسان به اچون ٿا. ”اسان اهڙي نموني زوري هن کي درياھ واري بنگلي تي اماڻي، پاڻ سائين جي اوطاق ۾ ئي سمهي رهياسين ـ
صبح جو نيرن بعد سائين اوطاق تي آيو. ڳپل مهل رهڻ بعد سائين جي طبيعت خراب هئڻ ڪري موڪلائي گهر هليو ويو. حبيب الله ڪابورو ۽ مان به شهر جي چڪر چاري ۽ چانھ چڪي لاءِ ٻاهر نڪتاسين ته بوستان در جي ٻاهران بيٺو هيو. اسان هن کي ساڻ هلي چانھ پيئڻ جي صلاح ڪئيته هن ٻڌايو ته ”هو واپس ڪراچي وڃي رهيو آهي، ان ڪري سائين سان ملي پوءِ ويندو “ ـ
اسان کيس ٻڌايو ته ”سائين بيمار آهي، هاڻي گهر ويو آهي وري شام جون نڪرندو تون ڀلي وڃ“ ـ
مان سائين سان ملڻ کانسواءِ بلڪل نه ويندس، ”اسان کيس ڪافي سمجهايو ته سائين هاڻي ٻاهر نه نڪرندو پر هن جو ضد هيو مان ته مان سائين جي ماني کاڌي آهي، سيدجو ٿورو ادا ڪرڻو بنا ويندس ته مونکي نمڪ حرام سمجهندو“ هن جو اهڙو پيش ڏسي مان سائين ڏي چٺي لکي موڪلي ته بوستان اوهان سان ضرور ملڻ ٿو چاهي ـ
جيستائين سائين ٻاهر نڪري اسان چوڪيدارن واري ڪوٺي ۾ وڃي ويٺاسين. اتي بوستان کان سوالن جوابن دوران مون کي هن جو لهجو پنجابي لڳي رهيو هو. ان کان سواءِ هن ڪجھ لفظ اهڙا ڳالهايا، جيڪي عام طور تي فوج ۾ مروج آهن، جيئن ته مان اتي ئي حبيب الله ڪابوري کي هوشيار رهڻ لاءِ چيو ـ
بيماري باوجود چٺي ملڻ بعد سائين ويچارو لٺ تي ٽيڪندو ٻاهر هليو آيو. اونهارو هئڻ ڪري سائين کي ململ جو اڇو پهراڻ ۽ سٿڻ پاتل هئي. هو اڃا پڌر تائين پهتو ته بوستان رومڙ ڪري سائين ڏي ڀڳو، اسان به پاڇي جيان هن جي ڪڍ ڊوڙندا وياسين. هن اسان کي چوڪس ڏسي پيرين پوڻ لاءِ سائين جي قدمن تي ڪري پيو. اسان تڪڙ ۾ هن کي کنبڙاٽن کان وٺي چوکنڀو ڪري بيهاريو ـ
سائين هوريان هوريان هلندو روانڊي ۾ ڪرسي تي ويٺو. اسان هن جي سامهون کٽ تي بوستان سان گڏ پير لڙڪائي ويهي رهياسين. مان وري حبيب الله ڪابوري کي هوشيار رهڻ لاءِ چيو، هُو بلڪل هن جي پهريان هر خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويهي رهيو. مان بوستان سان ڪلهو ڪلهي سان ۽ گڏو گوڏي ۾ ملائي ويهي رهيس. بوستان جا پگهر پيا وهن، لڳي پيو ته هُو ڪنهن وڏي ذهني آنڌ ماند ۾ هو. هن جي بي ڪيفي ۽ بيچيني واري ڪيفيت سندس چهري مان عيان هئي . مان ٽيڏي اک سان هن جي هٿن جي حرڪت تي نظر رکيون ويٺون هيس. الائي ڇو منهنجي ڇهين حس ٻڌائي پئي ته ڪجھ نه ڪجھ ٿيڻو آهي پر سائين جي ايم سيد ڪمال بي نيازي سان گفتگو ۾ مگن رهيو ـ
بوستان هيڏانهن هوڏانهن جي ڳالهين دوران سائين کي ٽوڪيو ”ٻڌو آهي توهان الله کي نٿا مڃو“ ـ
سائين مشڪندي چيس ”تنهنجي سامهون مان ويٺو آهيان. ڀلي ڏسي پائسي چئو ته مان موجود نه آهيان، ان سان منهنجو وجود ته ختم نه ٿيندو. الله موجود اهي ڀلي ڪو مڃي يا نه ـ
تنهن تي بوستان ٻيو سوال ڪيو ”توهان اسلامي نظام جي خلاف آهيو“ بلڪل! توهان کي خبر آهي ته هي اسلامي ملڪ آهي. ان ۾ اسلامي ملڪ ۾ شارب، زنا، رشوت خوري، قتل وغيره ڪهڙي برائي نٿي ٿئي؟ ڇا انهن خرابين ڪري اسلام کي بدنام نٿا ڪيون؟ ها! مان اهڙي اسلامي نظام جي خلاف آهيان، جنهن ۾ هر برائي جي آڙ ۾ اسلام کي بدنام ڪيو وڃي ٿو“ ـ
توهان سنڌوديش جا حامي آهيو؟ بوستان سائين ڏي اڳتي جهڪندي چيوـ
ها هن ملڪ ۾ سنڌين سان مسلسل ٿيندڙ ناانصافين ۽ زيادتين ڪري اسان وٽ اهو ئي حل آهي ته اسان پنهنجو الڳ سنڌوديش ٺاهيون ـ
بوستان پنهنجي چهري تان پگهر اگهندي سوالن جو سلسلو جاري رکندي چيو” سنڌوديش ٺهڻ کانپوءِ ان ۾ لاديني نظام نافذ ڪندو؟ “ـ
ان تي سائين ٽهڪ ڏيندي هڪ مذيدار مثال ڏنس، ” هڪ غريب، انڌي، پوڙهي مائي هئي. هن ويچاري جو پٽ به نامرد هو. پوڙهي روز الله کان دعائون گهرندي هئي ته مون کي ديس به ڏي ۽ غريبي به دور ڪر، ساڳي وقت منهنجي پٽ کي مڙسي ڏي ته جئين هو پٽ پيدا ڪري، ان تي الله دعا قبول ڪندي کين چيو ته انهن سڀني مان ڪا هڪ شيءَ گهر ان تي مائي دعا گهري ته ” مان پنهنجي پوٽي کي هندوري ۾ لڏندي ڏسان“ ان دعا جو مطلب اهو هيو ته مون کي اکيون به ڏي ته جيئن ڏسي سگهان، منهنجو پٽ مڙسي سان ئي پوٽو پيدا ڪري، ساڳي وقت گهر ۾ ايتري خوشحالي هجي جو هندورو وغيره وٺي سگهجي.“ سائين پنهنجو لڪڻ زمين تي هڻندي چيو ” اهڙي طرح اسان کي به بس هڪ دعا آهي سنڌوديش، ٻيو ڳالهيون پاڻ ئي ٿي وينديون“ ـ
انهن ڳالهين دوران بوستان جي ذهن توڙي جسم اندر هيجان محسوس ٿي رهيو هو. لڳي پيو ته هو جيڪي ڪجھ چوڻ ۽ ڪرڻ چاهي ٿو، ڪري نٿو سگهي. آخر ڪجھ گهڙيون سانت رهي هن ڦاٽ کاڌو” مان مهاجر نه پنجابي آهيان، توکي مارڻ آيو آهيان. “ ائين چئي هن جُهڪي ساڄي پاسي واري ٽنگ تان سوٽ جو پاچو مٿي ڪيو . هن جي پنيءَ وٽ هڪ تيز ڌار وارو خنجر ٻڌل هو. اسان جهڙپ ڏئي فٽ کن ڊگهو چلڪندڙ ڇرو ڇڪي ڪڍيوسين. هن ڪوبه ردعمل نه ڏيکاريو، پر ان جي ابتڙ اٿي سائين جي پيرن تي ڪري معافي گهرندي چيو” مان ٻڌو هو توهان الله کي نٿا مڃيو ۽ ماڻهن کي گمراھ ٿا ڪيو، ان ڪري مان توهان کي قتل ڪرڻ آيو هيس پر هت اچي ڏٺم ته اوهان الله کي مڃيو ٿا ان ڪري ارادو بدلائي ڇڏيم. هاڻي مون کي معافي ڏيو” سائين هن کي پيرن تان اٿاري وڏي شفقت سان وارن تي هٿ ڦيريندي، فراخدليءَ سان معاف ڪيو ـ