زندگي ۾ مون سفر ته تمام گهڻا ڪيان آهن پر هي سفر منهنجي زندگي جو هڪ المناڪ واقعو کڻي آيو، تازي تازي نوڪري ملڻ بعد منهنجو حيدرآباد وڃڻ ٿيو، مون سان اڳ ائين ڪڏهن ناهي ٿيو جو گاڏي کي وچ اڌ روڊ تي بيهاريو وڃي ، منهنجي سبب پڇڻ تي ڪنهن به مون کي جواب نه ڏنو ته آخر هي گاڏي روڊ تي بيهاري ڇو وئي آهي آخرڪار مسئلو ڇا آهي ۽ منهنجي هميشه اها عادت رهي آهي ته جڏهن گاڏي رڪجي ويندي آهي ته مان هيٺ لهڻ جي ڪندو آهيان مون کان گاڏي جي اندر گرمي برداشت ناهي ٿيندي، مون هن دفعي به لهڻ جو سوچيو پر ڪجھ ئي دير کان پوءِ ڪجھ نقاب ۾ همراھ گاڏي تي چڙهيان، پر مون سان ڪڏهن اهڙو واقعو ناهي ٿيو تڏهن مان سمجهي نه سگهس ته هي ٿي ڇا رهيو آهي ـ
ٽي چور هئا جيڪي اسان جي گاڏي کي لٽڻ آيا هئا جلدي جلدي چڙهڻ کان پوءِ انهن گاڏي کي ڪٿي رُڪڻ ڪونه ڏنو، پهريون همراھ ڊرائيور سان گڏ ويٺو هو، ٻيو همراھ گاڏي جي ٻاهرين دروازي جي پاسي تي ويٺو هو ۽ ٽيو اسان کان پئسا وٺڻ شروع ڪيان، آهستي آهستي سڀنين کي ڌمڪائيندي هنن لُٽڻ شروع ڪيو جڏهن مون وٽ آيا ته مان انهن کي چيو مون وٽ صرف ڪرايو هو جيڪو مان گاڏي واري کي ڏئي ڇڏيو ۽ هيئر مان پنهنجي گهر وڃڻ وارو هئس، منهنجي ائين چوڻ تي انهن چيو اهي ڪوڙ وڃي ٻئي ڪنهن کي ٻڌا پئسا ڪڍي ٿو يا هڻان هڪ گولي پو ڪڍيندي، مان ڊڄي ويس انهن جي ائين چوڻ تي مون وٽ موجود جيڪي پئسا هئا انهن کي ڏنا، سڀنين کان ڦوريندي ڦوريندي هو منهنجي پاسي ۾ اچي ويٺو، منهنجي عادت هميشه ڪچهري ڪرڻ جي هوندي آهي مان هن کان سوال پڇڻ شروع ڪيان ۽ اڳيان چوري ڪندڙ شايد مجبوري سبب چوري ڪئي هئس، منهنجي سوال پڇڻ تي هن مونکي چيو مان هت توسان ڪچهري ڪرڻ ڪونه آيو آهيان جو تون مونکان سوال ويهي پڇي ۽ مان جواب ويهي ڏيان، مان وري ان کان سوال پڇيو ته” ڪهڙي سبب جي ڪري چوري پيا ڪيو“ ، منهنجي پڇڻ باوجود به ان جواب نه ڏنو ائين وڌيڪ ڌمڪائڻ لڳو غريبن جا مسعلٰ توهان امير ماڻهو ڇا ڄاڻو ـ