رات ستو پيو هئس ته اڇي ڏاڙهي سان ڪارا ڪپڙا پهريل هڪ پوڙهو شخص منهنجي مٿان اچي بيٺو. چيائين نوجوان ايتري ننڊ ناهي ڪبي. تنهنجي ڌرتي توکي سڏي ٿي. پڇيومانس ته توهان ڪير چيائين تنهنجي سيد موڪليو آهي. چتائي ڏٺم ته سر سيد احمد خان هو. اک کوليم ته خالي روم ۾ ستو پيو آهيان وري اکيون ٻوٽي سمهي پيس پاسو ورائي مس سمهيس ته هڪ ٻيو سڏ ٿيو اکيون کولڻ سواءِ پڇومانس ته سائين ڪير آهين؟ چيائين سي سيد احمد خان جي ڳالھ سمجھ ۾ ڪونه آيئي! ته اک کلي ئي نه پئي. وري به چيائين پٽ اٿ هي وقت سمهڻ جو ڪونهي. اهڙو عشق جو نيهن لاهڻ کان پوءِ ننڊ ناهي ڪبي سنڌ سان عشق ڪندڙ ڪندڙ سمجهندا ناهن. اکيون کولڻ کان سواءِ ئي پڇيو مانس ته سائين اوهين ڪير؟ چيائين تنهنجي رهبر جو پيارو قاضي گهٻراهٽ واري آواز ۾ چيو مانس! سائين علامه آءِ آءِ قاضي صاحب چيائين ها ابا علامه آءِ آءِ قاضي توهان نوجوانن کي شاباس هجي توهان سائين جي ايم سيد جي خوابن جي اڃا تائين پورو ڪري نه سگهيا آهيو ۽ اڃا تائين غفلت واري ننڊ ۾ ستا پيا آهيو شابس اٿو پٽ شابس اٿو.
وري ڇرڪ ڀري اٿيس ته خالي روم ۾ مان ٻيو ڪير به ڪونه هو وري سمهيس ته سڏ ٿيا اٿم پٽ اٿ! اڃا نه اٿڻ ڇڏي ڇو نه ٿو اها غفلت واري ننڊ ڇڏي پڇيومانس ننڊ واري انداز ۾ سائين توهان ڪير آهيو. چيائين سر سيد احمد خان جي چوڻ تي به نه اٿين، پڇيومانس سائين حيدر بخش جتوئي صاحب چيائين ها بابا پر توهان نوجوانن جي ايم سيد جي نظريي کي وساري غفلت واري ننڊ کي ڇو ورتو آهي. بابا سنڌ توهان کي سمهڻ جي اجازت ڪونه ٿي ڏئي توهان جيڪڏهن ستا ته سنڌ ۽ سنڌي قوم هميشه جي لاءِ نيست ۽ نابود ٿي ويندا ۽ توهان جي رهبر ڪڏهن به توهان کي معاف نه ڪندو وري ڇرڪ ڀري اٿيس ته صرف روم ۽ مان ٻيو ڪير به نه هو. تقريبن 2 جو ٽائيم ٿيو هو. پاڻي پي وري سگريٽ جا گرم ڪش هيم ته نڀاڳي ننڊ ڇڏي ئي نه پئي وري به ڌرتي کي منهن هڻي سمهي پيس اک اک سان مس لڳي ته ڇا ڏسان امر جليل ٻانهون ٻڌي مٿان ٻيٺو آهي. اٿو ابا اٿو سنڌ کي مڃيو لطيف جو قسم اٿو اڄ به نه اٿيا ته ڪڏهن اٿندا آخر ڪڏهن انهيءَ غفلت جي ننڊ کي ڇڏيندو، آخر ڪڏهن پنهنجي رهبر جي نظريي تي عمل ڪندئو، توهان سگريٽ جا ڪش هڻي نڀاڳي ننڊ پيا آهيو. مان به شرم کان اک ئي نه پيو کوليا امر جليل ٻيهر مون سان مخاطب ٿيندي چيو او ابا مان تنهنجي مٿان ٻانهون ٻڌ ي ٻيٺو آهيان. مهرباني ڪري اٿ ۽ پنهنجي سنگت کي به اٿار جيڪا فڪر سيد سان سلهاڙيل آهي کيس چئو ته سنڌ ڌرتي سورن ۾ آهي ڪجھ ڪيو.
ڇرڪ ڀري اٿي ڏٺم ته ڪاري وارا ڪک نه امر جليل هو نه ڪي ڪو ٻيو وري به ڪمرو ۽ منهنجون تنهايون ٽائيم به 3 ٿيو هو هاڻي مون کي ننڊ به نه پئي اچي. امرجليل جي لفظن تي غور ڪندي مون سگريٽ نه پيتو ۽ صرف پاڻي پي سمهي پيس اڌ ڪلاڪ کان پوءِ ننڊ آئي ته خواب ۾ هڪ وڏي آواز ٻڌڻ ۾ آيو،

سنڌيو سنڌ جي پارت اٿو
مون سوچيو ته اهو آواز ڪٿي ٻڌڻ ۾ آيو آهي. اهي لفظ اڪثر ڪٿي ٻڌل آهن پوءِ سوچيم ته اهي لفظ ته سائين جي ايم سيد جا چيل آهن. اهو سوچا ئي پيو ته سائين جي ايم سيد چيو پٽ گهڻو ستا آهيو نه ڪنهن جي اڇي ڏاڙهيءَ ڏي ٿا ڏسو نه ڪنهن سهڻي قاضي ڏي ٿا ڏسو نه ڪو باباءِ قوم ڏي ٿا ڏسو، ٻيو ته ٺهيو پر امر جليل جي ٻانهن ڏي به نه ٿا ڏسو آخر توهان سان ڪهڙو مسئلو آهي توهان غفلت جي ننڊ ۾ ڇو ٿا رهو ڪڏهن ايندو اهو ڏينهن جڏهن توهان ديش کي آزاد ڪرائيندا؟ ڪڏهن من هنجو خواب پورو ڪندا؟ توهان جي آسري مان سمهي پيو آهيان توهان به ننڊ ۾ ستا رهيو ته سنڌ ڪير آزاد ڪرائيندو؟ روئڻ هارڪو ٿي چيم سائين اهي اسان وارا ليڊر اسان کي سمهڻ جي لولي ڏئي رهيا آهن. ڪاوڙ ۾ چيائين اهي ته ڀاڙ جا ترا اهن منهنجا حقيقي وارث ته اوهين آهيو. انهن ۾ جيڪڏهن اميد هجي ها ته ماڻهو توهان ڏي ڇو اچن ها هاڻي اٿو انهيءَ غفلت واري ننڊ مان ۽ جاڳويو پنهنجي قوم کي آزادي وٺڻ لاءِ توهان کي ڏائڻ جو ساهرو وٺڻو پوي ته به ڪين ڪيٻايو پر هاڻي اٿو ۽ ديس کي زنجيرن کان آزاد ڪيو هيءُ توهان جي ڌرتي ماءُ توهان کي پڪاري ٿي ۽ توهان جي رهبر توهان کي اهو حڪم ٿو ڪري ته سنڌ کي آزاد ڪرايو پوءِ توهان لاءِ هر رستو کليل آهي. مون ڏڪندي چيو ته سائين اسان کي چن ٿا ته رهبر ڪتاب توهان جو ناهي. مسڪرائيندي چيائين ڊڄن ٿا، باقي مان ته توهان کي چوان ٿو ته وقت ۽ حالتن جي مدنظر توهان کي رهبر ڪتاب تي عمل ڪري سگهون ٿا ۽ سنڌ جي آزادي پنڻ سان نه ملندي پر اها وڙهي وٺبي سوا هو پيغام منهنجي ٻچن ۾ پهچائي ڇڏ.
صبح ٿيندي ئي مون سوچيو ته آخر اهو سڀ ڪجھ ڇا آهي اهو منهنجو وهم هيو يا حقيقت! گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ انهيءَ نتيجي تي پهتس ته واقعي موجوده حالتن ۾ سنڌ سان جيڪي ويساھ گهاتيون ٿين ٿيون انهن کي ڏسي اسان جي قومي هيرن جو روح بي چين ٿي ڪڏهن ڪنهن نوجوان ته ڪڏهن ڪنهن نوجوان ڏينهن ڀٽڪي رهيو آهي انهيءَ لاءِ اسان سنڌي نوجوان کي ڪجھ سوچڻو پوندو اها نڀاڳ جي ننڊ ڇڏڻي پوندي ـ

کاهوڙي رسالو/اجاڳيل اکين جو خواب/اسرار پيرزادو