سُڪون جي ننڊ - ڪهاڻي - مهراڻ سنڌي

اهڙي ننڊ شايد زندگي ۾ مونکي ڪڏهن ناهي آئي جيڪا اڄ اچي رهي آهي، پر خبر ناهي ڇو هيءَ ماڻهن جو هجوم منهنجي گهر ۾ نظر اچي رهيو آهي.  انهن کي ڪير ٻاهر ڪڍڻ وارو ناهي ڇا؟ منهنجي سهڻي به الائي ڪٿي آهي، لڳي ٿو رڌڻي ۾ مصروف هوندي ڪم جو گهڻو ڪندي آهي آخرڪار منهنجي سهڻي منهنجي سُگهڙ زال جو آهي محنتي آهي نه ڪي مون وانگر جو ننڊ پئي هجي پر مون کي اڄ عجيب ٿو لڳي دل ٿي چئي هاڻي اٿان پر منهنجو ڄنگهون آهن ڇا مٿي کڄن ئي نٿيون، چڱي طرح ياد به نه ٿو اچي رات ڪا ڪوڏر ته ڪٿي ڪانه هئين اٿم، پر نه مون جهڙي سست ماڻهوءَ کي ڪوڏر هڻڻ، مزوري ڪرڻ ڪٿي پڄندي، پنهنجي پاڻ سان ڳالهائيندين ايتري ۾ هڪ همراھ رڙ ڪئي ۽ چيائين ته ” مرڻو اٿئي ڇا؟ اُٿي هتان“ ـ مون کي ته ڳالھ سمجھ ۾ ڪانه آئي منهنجي گهر ۾ همراھ گهڙي ۽ مونکي ٿو چوي ته ”مرڻو اٿئي ڇا“ دل چيو ته اُٿي ٻه مُڪون هڻانس جو کلڻ وقت پنهنجا 32 ڏند نه ڏيکاري سگهي، پر ٺهيو مان به شريف ماڻهو ڇا ان کي مُڪون هڻان، وري به مون کي ڳالھ سمجھ ۾ ڪانه آئي ته اسڪول جا ٻار ڊريس پهريو هي مون تي کلن ڇو ٿا؟ شايد منهنجي پُٽ کي وٺڻ آيا هجن ته اسڪول وڃڻ لاءِ، اڙي! ، مونکي ته پٽ ئي ناهي منهنجو به دماغ الائي ڪاڏي سفر پيو ڪري لڳي ٿو اڏري پيو پکين سان گڏ مون کي بستري تي ڇڏي پاڻ اڏري پيو، اڙي نڀاڳا عقل مون کي به پاڻ سان گڏ اڏارين ها نه اڪيلو هليو ٿو وڃي، هنن ٻارن به اچي تنگ ڪيو آ مان ڀلا پنهنجي سهڻي کي سڏ ڪري انهن کي به ٻاهر ڪڍرايان مان سست ليٽيو پيو آهيان مون کان ته اٿڻ ئي ڪونه ٿو پڄي، سهڻي..... ، او سهڻي.... ڪاٿي آهين؟ هنن ٻارن کي ته ٻاهر ڪڍ گهڻو مٿو کاڌو اٿن ڏاڍو گوڙ ڪيو اٿن صرف کلڻ ۾ پورا آهن انهن کي مان ڪو موالي ٿو لڳان ڇا؟