
چوڻ لاءِ چئبو آهي ته هندستان جو ڪو به مذهب ڪونهي، چوڻ لاءِ چئبو آهي ته هندستان سيڪيولر ملڪ آهي، جنهن جو مطلب آهي ته جنهن کي جيڪو وڻي سو مذهب اختار ڪري يا نه ڪري ۽ جنهن کي جيڪا وڻي سا سڀيتا، ڪلچر، ثقافت قبول ڪري. بنيادي حقيقت اها آهي. هولي جيڪا سڀئي ملهائي سگهن ٿا. لغڙ اڏائڻ سان جي روزو نه ٿو ٽٽي ته رنگ لڳائڻ سان به نه ٽٽندو، لغڙ اڏائڻ ۽ هڪ ٻئي جا لغڙ ڪاٽا ڪرڻ جيڪڏهن جائز آهي ته رنگ پاڻ کي لڳائڻ ۽ ٻين کي لڳائڻ به جائز آهي.
هوليءِ جو ڏينهن سڄي دنيا ۾ ملهائجڻ لڳو آهي، يورپ ۽ آمريڪا ۾ باقائدي عاليشان طريقي سان تقريبون ۽ فنڪشن ٿيندا آهن. ڏياري جي تهوار تي ڏيا ڇو نه ٻاريون ۽ ڦٽاڪا ڇو نه هلايون، ٻين صوبن کي ڇڏيو، پر سنڌ ۾ ڇو مسلمانن ۽ هندن کي هڪٻئي کان ڌار ڪري اسان کي اڃايل ڇڏيو ويو؟ اهي هئا ڪير، جن اسان جي ثقافت جي ٻانھ مروڙي ڇڏي؟ حلال ۽ حرام اسان جا مذهبي لفظ آهن، پر ڪهڙي ڪتاب ۾ ڪهڙي هنڌ لکيل آهي ته هندو جي هٿ جي پڪل شيءِ نه کائو؟ ڳالھ دراصل هيءَ آهي ته مان تتل ويٺو آهيان منهنجي اندر ۾ انهن ۽ اهڙي قسم جي ناانصافين تي ٻاھ آهي ـ
ڪاوش اخبار/هولي ملهائڻ/حليم بروهي