انقلاب انقلاب - مهراڻ سنڌي

جيڪڏهن تيونس ۽ مصر ۾ انقلاب اچي سگهي ٿو ته پوءِ سنڌ ۾ ڇو نه؟ تيونس ۽ مصر کان پوءِ ٻين علائقن جيئن بحرين، يمن، الجزائر ۽ لبيا ۾ پڻ انقلاب جا نعارا لڳي رهيا آهن. اسان سنڌين وٽ انهيءَ ڳالھ جو ذڪر به تمام گهٽ ٿئي ٿو.اسان سنڌين وٽ آزادي وٺڻ جو شعور بلڪل ناهي جيئي هلن پيا، جهڙن مشڪلن مان گذرن پيا انهن ۾ ئي خوش آهن، جيڪڏهن سنڌ جي آزادي لاءِ لکي ماڻهو روڊن رستن تي اچي انقلاب جو نعارو هڻي سگهن ٿا ته پوءِ انهيءَ تي عمل ڪرڻ ۾ ايتري دير ڇو؟ دنيا جي نقشي ۾ پاڪستان جو نقشو انتهاپسند ۽ سيڪليولر جي نشاني کان ٻاهر آهي پر افسوس جي ڳالھ ان ۾ سنڌ جهڙي ملڪ کي پڻ شامل ڪيو ويو آهي اسان سنڌين جو باقي فرض اهو وڃي بچيو آهي ته سائين جي ايم سيد جي خواب کي پوري ڪري ان جي نظريعي تحت سنڌ کي آزادي ڏيارجي جنهن لاءِ اهو ممڪن آهي ته دنيا آڏو پنهنجي سنڌ کي سيڪيولر ثابت ڪرڻ گهرجي نه ته پوءِ اسان کي سنڌ ته آزاد ٿي ملي ويندي پر انهيءِ جو ڏيک بلڪل پاڪستان جهڙو هوندو. جيڪڏهن هڪ عورت روڊ وچ تي بيهي پنجابين کي للڪاري غدار، چور چئي سگهي ٿي ته پو اسان ته هڪ مرد آهيون اسان ڇو نه انهن غدارن، بيغرتن کي سنڌ مان تاڙي ڪڍو، پر افسوس اسان جا سنڌي اڃا ان ڳالھ کي سمجهيا ڪونه آهن چون ٿا ڇا جي آزادي ڇو چريا ٿيا آهيو، انهيءَ ملڪ کي مردآباد چئو ٿا جتي رهو ٿا، پر اسان ته سنڌ ۾ رهو ٿا ۽ سنڌ ڪڏهن به پاڪستان جو حصو ٿي ناهي رهي سنڌ هزار سال اڳ به هڪ ملڪ هو ۽ هاڻي به هڪ ملڪ آهي ـ

انقلاب! انقلاب! ڳاءِ انقلاب ڳاءِ
جيئن زمين آسمان
جي کلي پئي زبان
ڪنڊ ڪنڊ، چونڪ چونڪ
شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ
جئن ڏئي اٿي جواب، انقلاب!
انقلاب! انقلاب! ڳاءِ انقلاب ڳاءِ
هي به ڪو نياءُ آ
جو مزور ڀاءُ آ
سولهو پئي پيو
جنهن سبب جيئي پيو
سوپيئي پيو شراب! انقلاب!
انقلاب! انقلاب! ڳاءِ انقلاب ڳاءِ
ڌوڏ هن سماج کي
لوڏ سامراج کي، ٺاھ سو نئون نظام
جو چڱو چئي عوام
هي نظام آ خراب، انقلاب! 
انقلاب! انقلاب! ڳاءِ انقلاب ڳاءِ
ڳاءِ ڳاءِ نوجوان
جيئن زمين آسمان
جي کلي پئي زبان
زندگي اُٿي چئي، انقلاب! انقلاب!
انقلاب! انقلاب! ڳاءِ انقلاب ڳاءِ
(شيخ اياز) ـ