سنڌ جيڪا معدنيات وسيلن ۾ مالا مال خطو آهي، تنهن کي هميشه مختلف قومن لُٽيو آهي جنهن ۾ عربن جو سنڌ تي 14 حملن جو وڌ ۾ وڌ اثر ٿيو آهي ـ پهريون حملو عربن جي حاڪم (خليفي) حضرت عمر جي زماني ۾ عثمان بن ابي عاصي، بحرين ۽ عمان جي واليءَ ڪيو هو. هن سنڌ طرف حملو سمنڊ رستي ڪيو هو. سنڌ کي لٽڻ بعد هي موٽي ويا ۽ مال مان ڪجھ حصو حضرت عمر کي پڻ ڏنو، آخري حملو جيڪو محمد بن قاسم ڪيو, تنهن حملي ۾ پنهنجي قوم کي بچائيندي راجا ڏاهر هيرو شهيد ٿي ويو ۽ هن حملي ۾ محمد بن قاسم ڪامياب ٿي ويو، افسوس جي ڳالھ هيل اسان کي ڪتابن ۾ راجا ڏاهر جنهن پنهنجي قوم کي بچائيندي جان ڏني اهو غدار ۽ جنهن عرب ملڪ مان ڪاھ ڪري سنڌ کي لٽيو اهو هيرو ڪري پڙهايو وڃي ٿو عجب جهڙي ڳالھ آهي ـ
پهريان عربن سنڌ کي لٽيو ۽ هيئر پنجابي، پٺاڻ ۽ مهاجر ساڳي محمد بن قاسم جا اولاد سنڌ کي لٽي رهيا آهن. پنهنجي پنجابي ٻولي، اردو ٻولي قائم ڪري رهيا آهن هتان جو سنڌي به پنهنجي ٻولي وساري اردو ٻولي ڳالهائڻ ۾ فخر محسوس ڪري ٿو، اسڪول توڙي ڪاليجن ۾ به اردو ٻولي کي وڌيڪ ترجيح ڏني وڃي ٿي، سنڌي به سنڌي ٻولي پاڻ وساري موبائيلن تي اردو ۾ ميسيج ڪندا آهن، سنڌ جا امير ماڻهو به پنهنجي اولاد کي سٺي تعليم ڏيڻ جي ڪري اهڙي اسڪول ۾ داخلا وٺرائي ڏين ٿا جنهن ۾ سنڌي ٻولي جو استعمال بلڪل ناهي هوندو. پنجابين ۽ مهاجرن ڪراچي، حيدرآباد توڙي ٻين شهر ۾ پنهنجون ڪالونائيز ٺهرائي گهر ڪري ويهي رهيا آهن ۽ پٺاڻ به روزگار جي بهاني سنڌ تي اچڻ جو اضافو ٿيندو پيو وڃي. جهڙي ريت عربن اسلام ڦهلائڻ جي بهاني تي سنڌ کي لٽيو اهڙيءَ ريت پنجابي، پٺاڻ ۽ مهاجر به آهستي آهستي سنڌ کي لٽين پيا ۽ اسان جا سنڌي خاموشي اختيار ڪري بت بڻيو ويٺا آهن ـ