خوبصورت ڪتاب - نجم عباسي

هڪ خوبصورت ڪتاب جنهنجو جلد دلڪش ۽ چمڙي جو ٺهيل ۽ سٺي پني تي ڇپيل آهي، سو پڙهي، هوءَ ان کي بند ڪري ٿي. پهرين اک تي رکي پوءِ ٻي اک تي رکي ٿي ۽ چپن تي رکي اُن ڪتاب کي چمي ٿي، پوءِ ان ڪتاب کي رنگارنگي ريشمي رومالن ۾ ويڙهي ٿي ۽ سهڻي بجڪيءَ بند ڪري ٿي، هن جي هر چرپر ۽ ادب تهذيب واري آهي. هن پنهنجي جسم کي چڱي طرح ڍڪيو آهي، هن جو مٿو به ڍڪيل آهي، هن جون نظرون هيٺ آهن ۽ صاف بستري تي ويٺي آهي ـ
اُهو ڇا پئي ڪرين؟
قرآن شريف پئي پڙهان ـ
اهو ته مان به ڏسان پيو ته اهو قرآن آهي، پر تون ان کي ڇا پئي ڪرين، رومال ۾ ويڙهڻ جو مطلب ڇا آهي؟ ان کي چمڻ جو مطلب ڇا آهي؟
هي پاڪ ڪتاب آهي مان ان جي عزت ٿي ڪيان ـ
دنيا جو هر ڪتاب قدر لائق آهي، هي نيٺ به ته هڪڙو ڪتاب آهي تون ان کي ڪتاب جي پوڄا ڪرين ٿي، اها به هڪڙي قسم جي بت پرستي آهي تون ان کي اکين به جدا جاري ۾ ۽ هر شيءَ کان مٿي ٿي، توکي ان کي ٻين ڪتابن سان گڏ ڪٻٽ ۾ رکڻ کپي، توکي ته عربي ڪانه ايندي آهي پو ڇو ٿي پڙهيئي؟
ثواب خاطر ـ
ثواب ڇا ٿيندو آهي؟
مونکي ڪهڙي خبر ـ
مان ٿو ٻڌايان ثواب ان کي چئبو آهي جنهن مان ڪو فائيدو ٿئي ۽ اهو ڏسڻ ۾ اچي ۽ محسوس ٿئي، اهڙي طرح گناھ اهڙي ڪم کي چئبو آهي جنهن مان جوکو يا نقصان رسي، توکي هي قرآن ائين نه پڙهڻ کپي ـ
ڇو؟
ڇو ته اهو عربي ۾ آهي ۽ تون عربي ڪونه ٿي سمجهين توکي اهو ڪتاب انهيءَ حالت ۾ پڙهڻ گهرجي، جڏهن اهو سنڌي ۾ هجي يا عربي سان گڏ ان جو سنڌي ۾ ترجمو به هجي. ان حالت ۾ ئي قرآن جي اصل قيمت ڪٿي سگهندينءَ، ۽ ان جي اصل حقيقت به اها ئي ٿيندي ـ



سوچون هڪ سچار جو - نجم عباسي